پروفيسر عزيز پلي

پروفيسر عزيز پلي

پلي عزيز

پلي، عزيز: سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جو استاد ۽ ناميارو ليکڪ، پروفيسر عزيز پلي، 2- مارچ 1960ع تي ڳوٺ منعم پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. هي جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ پڙهندو هو ته کيس ادب مان دلچسپي پيدا ٿي ۽ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هن 1985ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب مان ايم. اي ڪئي ۽ ترت ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هي نه رڳو هڪ سٺو استاد هو، پر گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب، خاص ڪري انگريزي ادب جو وسيع مطالعو رکندو هو. سندس پسند جي صنف ’ناول‘ هئي. کيس شاهه لطيف سان عشق هو. هن شاهه لطيف ۽ شيڪسپيئر تي تمام گهڻو مطالعو ڪيو ۽ ٻنهي جي تقابلي مطالعي بابت ڪلاس ۾ اڪثر ليڪچر ڏيندو هو.
سادي مزاج رکندڙ عزيز پليءَ جو پنهنجن شاگردن سان هميشه دوستاڻو رويو هوندو هو. يونيورسٽيءَ ۾ پنجويهن سالن تائين پڙهائيندي پروفيسر جي عهدي تي پهتو، پر سندس مزاج ۽ طبيعت ۾ ساڳي لچڪ ۽ سادگي برقرار رهي.
عزيز پليءَ کي انگريزي ادب سان گڏ فرينچ، اٽالين، روسي ۽ فارسي ادب تي به درسترس هئي. هو مختلف وقتن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندو رهندو هو. سماجي، طبقاتي نظام جا ويڇا، عام انسانن جا درد ۽ سندن درد ڪٿائون، هن جي لکڻين جا هميشه موضوع رهيا. پوئين دور ۾ هو انتهائي منتشر ذهن رهيو، ڪيترا ڏسڻا وائسڻا دوست ساڻس سندس ذهني پريشانين کي ڏسي کانئس مُنهن مَٽي ويا، جنهن جو کيس تمام گهڻو ارمان رهيو. هو حساس ۽ جينيئس شخص هو. زماني، ماحول ۽ دوستن جي رويي هُن کي فراريت ۽ مايوسيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڌِڪي ڇڏيو، پوءِ به هو جڏهن لکندو هو ته سندس لکڻيون پڙهندڙن تي ڪافي متاثر ڪنديون هيون.
پروفيسر عزيز پليءَ، 9 نومبر 2009ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.03.02  عيسوي

روفيسر عزيز پلي، 2- مارچ 1960ع تي ڳوٺ منعم پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.


2009.11.09  عيسوي

پروفيسر عزيز پليءَ، 9 نومبر 2009ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اجيو ساڌ
پير عبدالستار جان سرهندي
استاد امجد علي خان
چي گويرا
آغا زين العابدين شاهه
شير محمد مري
ع ق شيخ
بهرام
پيرزادو عبدالستار
الهه بخش ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون